دل جي مريضن کي مدي خارج اسٽنٽ وجهڻ تي پنجاب حڪومت کان جواب طلب

Human Heart Anatomy Illustration. 3D render

لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ مدي خارج اسٽنٽ وجهڻ خلاف درخواست تي پنجاب حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهري فرحت منظور جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته پنجاب جي سڀ کان وڏي اسپتال پي آءِ سي ۾ 15 مريضن ۾ مدي خارج اسٽنٽ وڌا ويا، مريضن کي جون 2021 ۾ جيڪي اسٽنٽ وڌا ويا، اهي مئي ۾ ايڪسپائر ٿي ويا هئا، اهڙو عمل قيمتي انساني جانين سان کيڏڻ آهي.

شهري عدالت کي اپيل ڪئي ته معافي نه ملڻ جهڙي ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ته جيئن انساني جانين سان کيڏڻ جو سلسلو بند ٿي سگهي.

عدالت درخواست تي پنجاب حڪومت ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.

Read Previous

ڪرپٽ نظام سان ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، حڪومت کي عوام جو فائدو ڏسڻو پوندو: عمران خان

Read Next

سنڌ ڪابينا اجلاس: ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهيندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

Most Popular