هنگو مان ڪالعدم تحريڪ طالبان جا 9 دهشتگرد گرفتار

هنگو ۾ سي ٽي ڊي ۽ ڳجهن ادارن گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪالعدم ٽي ٽي پي جي 9 دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ کاتي ۽ ڳجهن ادارن گڏيل ڪارروائي دوران هنگو جي علائقي رحمت شاهه بانڊه افغان مهاجر ڪئمپ ۾ هڪ گهر مان 9 مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪيو.

پوليس موجب دهشتگردن جي قبضي مان 3 ڪلاشنڪوف، هڪ رائفل، 2 آر پي جي، 14 آر پي جي گولا، 529 ڪارتوس، 18 ميگزين، هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ هڪ عدد نمبر پليٽ بنا موٽر سائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي.

Read Previous

بابر اعظم جو ورلڊ ڪپ اسڪواڊ تي اختلاف، پي سي بي اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

افغانستان بابت سمورا جائزا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون: شاهه محمود قريشي

Most Popular