بابر اعظم جو ورلڊ ڪپ اسڪواڊ تي اختلاف، پي سي بي اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

بابر اعظم

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ٿيڻ کانپوءِ نه رڳو شوقين ٽيم مئنيجمينٽ تي ڏمريل آهن پر اهڙيون خبرون به سامهون آيون هيون ته قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم سليڪشن مان مطمئن ناهي.

چيف سليڪٽر محمد وسيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ آصف علي، خوشدل شاهه ۽ اعظم خان جي شموليت تي شوقين آپي مان نڪري ويا ۽ مئنيجمينٽ تي سخت تنقيد جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.

هوڏانهن قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم بابت به اهي خبرون سامهون آيون هيون ته هو به سليڪشن مان مطمئن ناهي، بابر اعظم اسڪواڊ ۾ فهيم اشرف ۽ فخر زمان جي شموليت جي حق ۾ هو، ان حوالي سان هن رميز راجا کي ٻه ڀيرا فون به ڪئي پر رميز راجا ڪپتان کي چيو ته توهان راند تي وڌيڪ فوڪس ڪيو، رانديگرن کي شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ تي ڌيان گهٽ ڏيو.

هاڻ ان سلسلي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وضاحت ڏيندي چيو آهي ته بابر اعظم ايندڙ مهيني ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ چونڊيل ٽيم مان خوش آهي.

Read Previous

توهان وٽ پ پ کان سواءِ ٻيو ڪو سوال آهي؟ مريم نواز صحافين تي ڪاوڙجي پئي

Read Next

هنگو مان ڪالعدم تحريڪ طالبان جا 9 دهشتگرد گرفتار

Most Popular