راڻا ثناءُ الله طرفان اسٽيبلشمينٽ جي آڇ رد ڪرڻ جي دعويٰ

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه وقت اڳ راءِ هئي ته توهان اِن هائوس تبديلي آڻيو ۽ لانگ مارچ ڏانهن نه وڃو، پر پي ڊي ايم قيادت ان کي قبول نه ڪيو هو.

نجي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جنهن وقت پي ڊي ايم ۾ لانگ مارچ ۽ استعيفائن جي ڳالهه هلي رهي هئي ان وقت اسٽيبلشمينٽ جو اهو موقف هو.

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري جي ن ليگ تي تنقيد جي جواب ۾ راڻا ثناء چيو ته بلاول جيترو وڻيس لڪائي پر سچ ڪڏهن ناهي لڪندو، ٻين کي سهولتڪاري جا طعنا ڏيڻ سان پنهنجي سهولتڪاري لڪي نه سگهندي.

هن چيو ته اسان نه پيپلزپارٽي تي الزام هڻڻ چاهيون ٿا ۽ نه ئي پيپلزپارٽي اسان جو فوڪس آهي، پر جيڪڏهن پيپلزپارٽي ۽ بلاول حڪومت جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ چاهين ٿا ته اها جلسن ۾ نٿي آڻي سگهجي، قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ عدم اعتماد واري تحريڪ آڻين، ن ليگ سپورٽ ڪندي ۽ اسان جو هڪ ووٽ به ان ۾ گهٽ نه هوندو.

Read Previous

بابر اعظم جو ورلڊ ڪپ اسڪواڊ تي اختلاف، پي سي بي اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ افغانستان ٽيم اسڪواڊ جو اعلان

Most Popular