ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ افغانستان ٽيم اسڪواڊ جو اعلان

ڪابل تي قبضي ۽ افغانستان جون حالتون مٽجي ويون آهن. طالبان نگران حڪومت کانپوءِ مختلف شعبن جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سڌ سماءَ واري نامزد وزير ذبيح الله مجاهد دنيا کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي حڪومت قبول ڪئي وڃي اسان جا آفيسر مختلف آفيسن ۾ ويهي رهيا آهن عوام جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي.

هوڏانهن دنيا ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جون تياريون ٿي رهيون آهن، جنهن حوالي سان مختلف ملڪن ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي جنهن حوالي سان پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي سيريز مٿين هفتي کان شروع ٿي ويندي.

افغانستان ۾ موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪرڪيٽ جي حوالي سان ڪرڪيٽ جا مداح ٻڏتر جو شڪار هئا ته ڇا افغانستان هن صورتحال ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ٽيم کيڏائيندو يا نه؟

ان حوالي سان گڏيل عرب امارات ۽ عمان ۾ شيڊول ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي لاءِ افغانستان جي ٽيم جو به اعلان ڪيو ويو آهي.

Read Previous

راڻا ثناءُ الله طرفان اسٽيبلشمينٽ جي آڇ رد ڪرڻ جي دعويٰ

Read Next

جاسوسي ۽ سيڪيورٽي معاملن جي حوالي سان وڏو فيصلو

Most Popular