پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، طالبان دنيا کان مدد گهري ورتي

افغانستان ۾ طالبان جي نگران حڪومت جي نامزد سڌ سماءَ واري نائب وزير ذبيح الله مجاهد عالمي برادري کان طالبان جي حڪومت قبول ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ذبيح الله مجاهد چيو ته ڪابينا ميمبر آفيسن ۾ ويهي رهيا آهن ۽ ماڻهن جا ڪم ٿي رهيا آهن جڏهن گذريل حڪومت سان ڪم ڪندڙ اهلڪار ۽ ورڪر به اسان سان ڪم ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته پرڏيهي وزارت به فعال بڻجي وئي آهي، اسان دنيا سان لاڳاپا رکنداسين، آمريڪا سميت ٻيا ملڪ اسان کي قبول ڪن ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ کي اسان کان ڳڻتي آهي ته اها سياسي طريقي سان حل ڪن.

هن چيو ته عالمي برادري کان اپيل ڪيون ٿا ته اسان جي مدد ڪئي وڃي، افغانستان ڏکين حالتن ۾ ڦاٿل آهي تنهنڪري دنيا اسان جي حڪومت قبول ڪري.

Read Previous

جاسوسي ۽ سيڪيورٽي معاملن جي حوالي سان وڏو فيصلو

Read Next

شاهه محمود قريشي جو آمريڪا کان طالبان لاءِ مطالبو

Most Popular