شاهه محمود قريشي جو آمريڪا کان طالبان لاءِ مطالبو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال تباهه ڪندڙن کان خبردار رهڻ جي ضرورت آهي.

پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ قطري پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي بابت ٻنهي ملڪن جو گڏيل خيال آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادري کي افغانستان جي عوام جي انساني ۽ مالي امداد جي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، امن ۾ خلل وجهڻ واري عنصرن کي افغانستان ۾ افغانستان ۾ امن جي عالمي ڪوششن کي ختم ڪرڻ جو موقعو نه ملڻ گهرجي.

Read Previous

پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، طالبان دنيا کان مدد گهري ورتي

Read Next

مولانا فضل الرحمان طرفان بلاول جي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪرڻ جي دعوا

Most Popular