زهرا شاهد قتل: علي زيدي وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير علي زيدي تحريڪ انصاف اڳواڻ زهرا شاهد جي قتل بابت وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو.

2013 جي عام چونڊن ۾ ڊفينس ۽ ڪلفٽن تي ٻڌل تڪ ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف تحريڪا انصاف جي جاري احتجاج دوران زهرا شاهد کي قتل ڪيو ويو هو.

2013 جي عام چونڊن ۾ تڪ اين اي 250 جي شروعاتي نتيجن ۾ ايم ڪيو ايم جو خوش بخت شجاعت ڪامياب قرار ڏنو ويو هو، جنهن خلاف تحريڪ انصاف اڳواڻ عارف علوي جي قيادت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي هئي.

تحريڪ انصاف جي احتجاج کانپوءِ اليڪشن ڪميشن تڪ جي 43 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏنو هو پر پولنگ کان ڪجهه ڏينهن اڳ زهرا شاهد کي فائرنگ ڪري ماريو ويو.

Read Previous

احتساب عدالت آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي

Read Next

ڪراچي: عورت جي پولنگ اسٽيشن مان ٻه جعلي ايجنٽ گرفتار

Most Popular