ڪراچي: عورت جي پولنگ اسٽيشن مان ٻه جعلي ايجنٽ گرفتار

ڪنٽونمينٽ بورڊز چونڊن جي پولنگ دوران اليڪشن ڪميشن عملي پولنگ اسٽيشن مان ٻه جعلي ايجنٽ پڪڙي ورتا.

ڪراچي جي ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ جي وارڊ نمبر 4 ۾ عورتن لاءِ قائم پولنگ اسٽيشن مان ٻن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، ٻئي جعلي پولنگ ايجنٽ هئا ۽ انهن جو واسطو سياسي جماعتن سان ٻڌايو پيو وڃي.

ريٽرننگ آفيسر ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ سليم حسن وٽو موجب ٻئي ايجنٽ جعلي هئا ۽ بنا ڪنهن تصديقي دستاويز جي عورتن جي پولنگ اسٽيشن ۾ موجود هئا.

Read Previous

زهرا شاهد قتل: علي زيدي وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 58 فوت، 5 هزار 370 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي

Most Popular