لاڙڪاڻي شهر جي يوسي 16 ليلا آباد جي رهواسين طرفان علائقي ۾ نالين جو گندو پاڻي بيهڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي يوسي 16 ليلا آباد جي رهواسين طرفان علائقي ۾ نالين جو گندو پاڻي بيهڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ نادر ڪلهوڙو، مدد سانگهرو، مولا بخش مگسي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته علائقي ۾ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ سبب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي اسان جي پاڙي جي گهٽين ۾ نالين جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ جمع ٿيل آهي، جنهن سبب سخت مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته اهڙيون شڪايتون ميونسپل ڪارپوريشن جي عملدارن سان ڪيون آهن، پر پوءِ به ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن سنڌ حڪومت توڙي ضلعي انتظاميه کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي علائقي ۾ بيٺل نالين جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ سميت صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

قاضي احمد ر: ڳوٺ سومرو خان چانڊيو مان تيرھن سالا نينگري حميده چانڊيو اغوا

Read Next

ڏکڻ وزيرستان: فورسز جي آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، 7 فوجي جوان شهيد

Most Popular