قاضي احمد ر: ڳوٺ سومرو خان چانڊيو مان تيرھن سالا نينگري حميده چانڊيو اغوا

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئيڳوٺ سومرو خان چانڊيو مان تيرھن سالا نينگري حميده چانڊيو اغوا قاضي احمد ٿاڻي تي رپورٽ داخل تفصيل موجب قاضي احمد لڳ ڳوٺ سومر خان چانڊيو جي رهواسڻ مسمات زينت زال محمد اسحاق چانڊيو پريس ڪلب قاضي احمد پهچي داهيندي چيو ته گذريل رات اسان ڳوٺ جي چانڊيا برادري جي سردار عرف پهلوان چانڊيو غلام قادر چانڊيو علي شير چانڊيو ۽ پٺاڻ چانڊيو زبردستي هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي اسان تي تشدد ڪري منهنجي چوڏهن سالا نياڻي حميده ڌي محمد اسحاق چانڊيو کي اغوا ڪري گهر ۾ پيل 30هزار روڪ ۽ پنجاھ هزار جي ماليت جو سون پڻ ڦر ڪري ويا آهن جنهن جي رپورٽ اسان قاضي احمد ٿاڻي تي داخل پڻ ڪرائي آهي پر پوليس ڇوڪري بازياب نه ڪرائي سگهي آهي اسان ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ايس ايڇ او قاضي احمد اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي ڇوڪري بازياب ڪرائي ۽ ڦر ٿيل رقم سون واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

سجاول شھر ۾ غيرقانوني حددخلين خلاف انڪروچمنٽ پوليس جي ڪاروائي

Read Next

لاڙڪاڻي شهر جي يوسي 16 ليلا آباد جي رهواسين طرفان علائقي ۾ نالين جو گندو پاڻي بيهڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

Most Popular