خيرپورناٿن شاھ ۾ سرن جي ڀٺن تي ڪم ڪندڙن مزدورن جو ڏهاڙي جي اُجرت نه وڌائڻ خلاف احتجاج

خيرپورناٿن شاھ ۾ سرن جي ڀٺن تي ڪم ڪندڙن مزدورن جو ڏهاڙي جي اُجرت نه وڌائڻ خلاف احتجاج، نٽهڻ اس ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سٽي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، پورهيت خدا جو دوست آهي ڀٺن تي ڪم ڪندڙن مزدورن جي اجرت وڌائي وڃي ٻي صورت ۾ پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين ؛ متاثر مزدورن جو چتاءُ جڏهن ته مظاهري ۾ شھر ۽ آس پاس جي سرن جي ڀٺن تي ڪم ڪندڙن مزدورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ان موقعي تي مظاهري ۾ شريڪ مزدورن غلام حسين لانڊر راشد ملاح محمد گاڏھي وزير ملاح، ھارون لانڊر شاھد لانڊر سٽي پريس ڪلب جي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي شھر کان علاوه ٻين ويجهڙائي وارن شھرن سيتا ميهڙ ڪڪڙ پيارو ڳوٺ ۽ ٻين ڪيترن ئي شھرن ۾ سرن جي ڀٺن تي ڪم ڪندڙن مزدورن کي ڏھاڙي 1100 روپيه ڏني وڃي ٿي ۽ هتي اسان جي شھر خيرپورناٿن شاھ ۾ اسان کي صرف 700 روپيه ڏني وڃي ٿي جڏھن ته سرن جي ڀٺن جي مالڪن کي اهڙي معلومات هجڻ جي باوجود به بار بار اهڙيون شڪايتون ڀٺن جي مالڪن کي ڪيون جواب ۾ مالڪن جو اهيوئي چوڻ هيو جيڪو شھر ۾ ھلي رهيو آھي اهائي رقم ڏينداسين سرن جي ڀٺن جي مالڪن جي ملي ڀڳت جي ڪري اسان جي حقن تي داڙو هنيو ٿو وڃي ۽ اهڙي شديد گرمي ۾ ڀٺن تي باھ جي ڀرسان ڪم ڪري رھيا آھيون پوء مالڪن کي احساس نه ٿو ٿئي جيڪو اسان سان سراسر ظلم آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته هن مهنگائي واري ظالم دور ۾ اسين ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور آھيون ڪم ڪنداسين ته گهر جي چلھ ٻرندي ۽ اسان جا ٻچا کائيندا اڄ اسان روڊن تي پنهنجي حقن جي لاء نڪتل آھيون ڪم نه ڪرڻ سان اڄ اسان جا ٻچا بکايل رهندا. جڏهن ته هنن ضلعي ۽ شھر جي اعليٰ انتظاميه ڊي سي دادو ۽ مختيار ڪار خيرپورناٿن شاھ کي مطالبو ڪيو ته اسان کي اسان جو حق ڏياريو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي جئين اسين پنهجي سڪون سان پنهجي زندگي بسر ڪري سگهون

Read Previous

صالح پٽ نارا ڪينال مان نڪرندڙ آرڊي 104 چينل تي انچارچ جا آبادگارن سان ڪلور ووئڻن جو فصل سڙي تباه ڊاريڪٽر سيڊا نوٽيس وٺي انصاف ڪري

Read Next

قاضي احمد ٿاڻي جو پوليس اهلڪار منظوز علي چانڊيو پنھنجي ئي پٽي ڀائي پوليس اهلڪار جان محمد زرداري جي ظلمن خلاف پريس ڪلب قاضي احمد پهچي احتجاج ڪند

Most Popular