ڪيويز خلاف پهرين ون ڊي: شاهنواز ڏاهاڻي وري نظرانداز

نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ميچ لاءِ 12 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ جمعي تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي، جنهن لاءِ قومي ٽيم طرفان 12 رانديگرن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪيويز خلاف پهرين ون ڊي ميچ لاءِ 12 رڪني قومي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، فخر زمان، امام الحق، افتخار احمد، سعود شڪيل، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، حارث رئوف، حسن علي، شاهين آفريدي، عثمان قادر ۽ زاهد محمود شامل آهن، جڏهن ته اسڪواڊ ۾ شامل شاهنواز ڏاهاڻي کي 12 رانديگرن ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.

واضح رهي ته لاڙڪاڻي واسي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ان کان اڳ زمبابوي ۽ ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ به شامل ٿي چڪو آهي پر کيس موقعو ناهي ڏنو ويو.

Read Previous

آمريڪا ۽ برطانيا جو اسٽريليا کي جوهري آبدوز ڏيڻ جو فيصلو، چين جي مذمت

Read Next

دپيڪا ۽ رنوير سنگهه جي نئين گهر هوش اڏائي ڇڏيا

Most Popular