آمريڪا ۽ برطانيا جو اسٽريليا کي جوهري آبدوز ڏيڻ جو فيصلو، چين جي مذمت

آمريڪا ۽ برطانيا طرفان آسٽريليا کي جوهري آبدوز جي ٽيڪنالوجي ڏيڻ جي معاهدي تي چين شديد مذمت ڪئي آهي.

چين جو چوڻ آهي ته اهو معاهدو علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي، ان سان اسلحي جي ڊوڙ ۾ اضافو ٿيندو.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪا، برطانيا اينٽمي برآمدات کي جيو پوليٽيڪل گيمز جي اوزار طور استعمال ڪندا آهن، آسٽريليا کي جوهري آبدوز جي ٽيڪنالوجي برآمد ڪرڻ، آمريڪا ۽ برطانيا جي ٻٽي معيار کي واضح ڪري ٿو ۽ انتهائي غير ذميواراڻو رويو آهي.

چيني ترجمان چيو ته ان معاهدي جوهري عدم پکيڙ جي واعدن جي پاسداري ۾ آسٽريليا جي اخلاص تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

واضح رهي ته آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا هندي سمنڊ ۽ الڪاهل سمنڊ جي پاڻين ۾ چين جي وڌندڙ اثر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نئون سيڪيورٽي اتحاد جوڙي ورتو آهي.

ٽنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت آمريڪا ۽ برطانيا ايٽمي توانائي ذريعي هلندڙ آبدوز بڻائڻ ۾ آسٽريليا جي مدد ڪندا، ٽئي ملڪ علائقي ۾ جٽادار امن کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.

ٻي پاي فرانس به آسٽريليا طرفان برطانيا ۽ آمريڪا سان معاهدي کي پٺيان وار ڪرڻ جي برابر قرار ڏنو آهي.

فرانس جو چوڻ آهي ته آسٽريليا پهريان اسان سان جوهري آبدوز جو معاهدو ڪيو هو پر اوچتو آمريڪا ۽ برطانيا وٽ هليو ويو.

Read Previous

ڪراچي: منشيات فروش 2 پوليس اهلڪار گرفتار

Read Next

ڪيويز خلاف پهرين ون ڊي: شاهنواز ڏاهاڻي وري نظرانداز

Most Popular