نيوزي لينڊ کي آءِ سي سي ۾ ڏسنداسين: پي سي بي جو سخت رد عمل

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا نيوزي لينڊ طرفان سيريز ختم ڪرڻ تي شديد مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ رميز راجا چيو ته نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ فيصلي مان تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي، مونکي مداحن ۽ رانديگرن لاءِ وڏو افسوس ٿيو.

هن چيو ته نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ واپسي جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو ۽ معاملي ۾ ڪجهه نه ٻڌائڻ به مايوس ڪندڙ آهيي.

پي سي بي چيئرمين جو چوڻ آهي ته نيوزي لينڊ کي آءِ سي سي ۾ ڏسنداسين.

واضح رهي ته نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سيڪيورٽي خدشن جو جواز ڄاڻائيندي پاڪستان جو دورو اوچتو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جي وچي ۾ سيريز ملتوي ڪئي وئي آهي.

ٻئي پاسي نيوزي لينڊ جي وزيراعظم چيو آهي ته سيريز نه ٿيڻ تي سڀني کي ڪيترو افسوس آهي ان ڳالهه جو اندازو آهي، پر رانديگرن جي حفاظت جي لاءِ نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪيان ٿي.

نيوزي لينڊ جي وزيراعظم چيو ته اسان جي لاءِ رانديگرن جو تحفظ سڀ کان اهم آهي.

Read Previous

حڪومت جو اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

پاڪستان امن لاءِ اهم ملڪ آهي، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ سان بحران پيدا ٿيندا: عمران خان

Most Popular