پاڪستان امن لاءِ اهم ملڪ آهي، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ سان بحران پيدا ٿيندا: عمران خان

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪيون ٿا، جيڪڏهن دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ته مختلف بحران پيدا ٿيندا.

شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ويهين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي وزيراعظم چيو ته خطي کي ڪيترائي چيلينج آهن، اسان کي سمورا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، مضبوط مواصلاتي نظام سان خطي ۾ هاڪاري اثر پوندا.

هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري سڄي دنيا جو معيشتون تباهه ٿيون، واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن جي لاءِ ايس سي او اهم فورم آهي، ڪورونا جي صورتحال ۾ دنيا جو هيلٿ سيڪٽر مقابلو نه ڪري سگهيو، اسان ڪورونا جي صورتحال ۾ صحت سان گڏ معاشي صورتحال تي به نظر رکي، پاڪستان دنيا سان گڏجي ڪورونا خلاف ڪردار ادا ڪندو رهندو.

عمران خان چيو ته دنيا لاءِ ماحولياتي تبديلي ٻيو وڏو چيلينج آهي، ماحولياتي تبديلي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو.

پاڪستان جي وزيراعظم جو چوڻ هو ته بدقسمتي سان دنيا ۾ دهشتگردي کي مذهب سان ڳنڍيو ويندو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ معاشي نقصان سان گڏ اسان جا 10 لک ماڻهو متاثر ٿيا.

Read Previous

نيوزي لينڊ کي آءِ سي سي ۾ ڏسنداسين: پي سي بي جو سخت رد عمل

Read Next

نيوزي لينڊ ڪا به آڇ نه قبولي، دوري کي سازش تحت ختم ڪيو ويو: شيخ رشيد

Most Popular