زمين جي تڪرار تان جرڳو رتوڇاڻ ۾ تبديل، 9 ڄڻا مارجي ويا

دير بالا ۾ زمين جي تڪرار تان جرڳي دوران ڌرين هڪٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا.

زمين جي تڪرار تان جرڳو جاري هو ته ڌرين ڏند چڪ کانپوءِ هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 ڄڻا زخمي به ٿيا، جن مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

دير بالا جي علائقي براول ۾ جهان عالم ۽ باچا منير گروپ ۾ زمين جي تڪرار تان جرڳو ٿي رهيو هو، جڏهن ته واقعي ۾ مارجي ويلن ۾ گهڻا جرڳي جا ميمبر آهن.

هوڏانهن واقعي کانپوءِ شهرين لاش روڊ تي رکي احتجاج ڪيو، جڏهن ته ڌرين ۾ وڌيڪ جهيڙو روڪڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي.

Read Previous

حڪومت وزيراعظم کي ملندڙ تحفن جا تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Next

نيوزي لينڊ ٽيم جي حمايت، رانديگر نه وزير جواب ڏين: پرويز رشيد

Most Popular