نيوزي لينڊ ٽيم جي حمايت، رانديگر نه وزير جواب ڏين: پرويز رشيد

پاڪستان مسلم ليگ نون جي اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته نيوزي لينڊ ٽيم جي واپسي سيڪيورٽي ٿريٽ جي ڪري ٿي آهي جنهن جو پڇاڻو سيڪيورٽي معاملن واري انچارج وزيرن کان ٿيڻ گهرجي.

پنهنجي بيان ۾ پرويز رشيد جو چوڻ هو ته دفاع وارو وزير، گهرو وزير، پرڏيهي وزير ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار سامهون اچن ۽ جواب ڏين.

سندس چوڻ هو ته رانديگرن کان جواب ڏياريا پيا وڃن ڄڻ هو پاڪستان جي سلامتي ۽ تحفظ جا ذميوار آهن.

Read Previous

زمين جي تڪرار تان جرڳو رتوڇاڻ ۾ تبديل، 9 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

افغان طالبان عالمي برادري کان امداد گهري ورتي

Most Popular