گوگل ميٽ ۾ هڪ ٻيو بهترين فيچر متعارف

جيڪڏهن وڊيو ڪانفرنسنگ لاءِ گوگل ميٽ کي استعمال ڪندا آهيو ته اوهان لاءِ سٺي خبر آهي.

گوگل ميٽ ۾ جلد وڊيو ڪالز دوران سڀني دوستن کي سولائي سان ڏسي سگھبو.

گوگل ميٽ جي ويب ورجن ۾ هاڻ ڪنهن به فرد جي ويب ڪيم ۾ گھٽ روشني کي ڊٽيڪٽ ڪندڙ سسٽم جي واڌ ڪئي پئي وڃي.

روشني گھٽ هجٽ تي گوگل ميٽ طرفان ان فرد جي وڊيو ڪال ونڊو جي برائيٽنس کي وڌايو ويندو ته جيئن سڀني لاءِ ان کي ڏسڻ ممڪن ٿي سگھي ۽ فيڊ ڪليئر رهي.

گوگل ميٽ جي موبائل ايپس ۾ لائيٽ موڊ کي 2020ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻ ويب ورجن ۾ ان جو اضافو ڪيو پيو وڃي.

لو لائيٽ موڊ لاءِ اي آءِ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو ويو آهي جيڪا روشني جي معائنو ڪرڻ کان پوءِ برائيٽنس کي وڌائي ڇڏي ٿي.

واهپيدار چاهي ته ان فيچر کي سوئچ آف به ڪري سگھي ٿو.

Read Previous

باليووڊ سُندري تي تيزاب حملي جي ڪوشش، اداڪارا زخمي

Read Next

ٿاڻوبولاخان جي خاصخيلي محله جي رھواسي پيرسن پيء ۽ ويڳي ماء ٻين گھر ڀاتين جو نافرمان پٽ جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو

Most Popular