باليووڊ سُندري تي تيزاب حملي جي ڪوشش، اداڪارا زخمي

بالي ووڊ جي نالي واري هدايتڪار انوراگ ڪشياپ تي هراساني جو الزام لڳائيندڙ اداڪارا پائل گهوش حملي ۾ زخمي ٿي پئي.

رپورٽ موجب اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته 2 ڏينهن اڳ ممبئي جي هڪ اسٽور مان دوائون خريدڻ کانپوءِ گهر واپس وڃڻ لاءِ گاڏي ۾ ويٺي ته اوچتو ماسڪ پهريل ماڻهو وٽس اچي پهتا.

اداڪارا چيو ته ماسڪ پاتل ماڻهن وٽ لوهي راڊ سميت هڪ بوتل به هئي، آئون دعويٰ ٿي ڪيان ته اها بوتل تيزاب جي هئي، انهن مون تي لوهي راڊ سان حملو ڪيو، جنهن سان منهنجي ساڄي ٻانهن زخمي ٿي پئي، رڙيون ڪرڻ تي حملي آور ڀڄي ويا.

هن وڌيڪ چيو ته ڌڪ لڳڻ ڪري ۽ خوفزده هجڻ ڪري مان سڄي رات ننڊ نه ڪري سگهيس، واقعي جي جلد ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ويندس.

اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ممبئي پوليس جي اعليٰ آفيسرن اداڪارا جي گهر وڃي سندس سان ملاقات ڪري واقعي بابت معلومات پڻ حاصل ڪئي.

Read Previous

نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ سان سيريز نه ٿيڻ تي ڪروڙن جو نقصان، سخت ڪارروائي جو فيصلو

Read Next

گوگل ميٽ ۾ هڪ ٻيو بهترين فيچر متعارف

Most Popular