ھائي ڪورٽ سنڌ سموري سنڌ ۾ قائم معذور ٻارڙن جي اسڪولن جي تفصيلي رپورٽ جوڙڻ لاءِ ھڪ ڪميٽي قائم ڪئي آهي

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سنڌ جي معذور ٻارڙن کي تعليم سميت سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل ھاء ڪورٽ سنڌ پير سيد حسين شاه جيلاني، سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن اختر حسين بگٽي ڪاميٽي جا ميمبرجھامن داس راٺي، محمد امین میمڻ ۔ فرمان علی ٽانوري ۽ محبو ب علی تھیم اسپيشل ايجوڪيشن سانگهڙ جي اسڪول جو دورو ڪيو معذور ٻارڙن سان ڪچھري ڪئي انهن جا مسئلا معلوم ڪيا ان موقعي تي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل ھائي ڪورٽ سنڌ سيد حسين شاه جيلاني ۽ سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن اختر حسين بگٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھائي ڪورٽ سنڌ سموري سنڌ ۾ قائم معذور ٻارڙن جي اسڪولن جي تفصيلي رپورٽ جوڙڻ لاءِ ھڪ ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن تحت اسان ھن وقت تائين سنڌ جي 16 اسڪولن جو دورو ڪيو آهي جتي اسڪول بلڊنگ، استادن جي تربيت، گرائونڊ، ۽ٻين سھوليتن جا مسئلا سامھون آيا آهن جنهن تحت ھڪ جامع رپورٽ ھائي ڪورٽ کي پيش ڪئي ويندي ته جيئن معذور ٻارڙن لاءِ وڌ کان وڌ بھتري آڻي سگهجي، معذور ٻارڙن کي به جيئڻ جو پورو حق آهي انهن کي زندگي جون سموريون سھولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي، ھنن چيو ته ھن وقت سنڌ ۾ 3 ھزار کان وڌيڪ معذور ٻارڙا اسپيشل ايجوڪيشن جي ادارن ۾ تعليم ۽تربيت حاصل ڪري رهيا آهن ان تعليم ۽تربيت جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ سنڌ ھائي ڪورٽ ڪميٽي جوڙي آهي ھنن چيو ته معذور ٻارڙن علاج جون به مفت سھولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جيڪي ٻار قابل علاج آهن انهن جو علاج به ڪرائي رهيا آهيون، ھنن چيو ته معذور ٻارڙن جي والدين سان به ملاقاتون ڪري انهن کي راضي ڪنداسين ته ٻارڙن کي اسپيشل ايجوڪيشن جي اسڪولن ۾ داخل ڪرائين،

Read Previous

ٽنڊو محمد خان شھر جي پاڙي سچل آباد ۾ گذريل 2 مھينن کان گٽر جو گندو پاڻي بيٺل رھواسي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ لڳا

Read Next

صوبائي وزير اقليتي امور گيانچند ايسراڻي قاضي احمد انڙ ھاؤس تي ملڪ شاھنواز سڪندر صاحب جي سھري ء ڄام چنگيز خان انڙ جي والد صاحب جي وفات تي تعزيت ڪئي

Most Popular