ٽنڊو محمد خان شھر جي پاڙي سچل آباد ۾ گذريل 2 مھينن کان گٽر جو گندو پاڻي بيٺل رھواسي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ لڳا

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر : فھيم ڀٽي )ٽنڊو محمد خان شھر جي پاڙي سچل آباد ۾ گذريل 2 مھينن کان گٽر جو گندو پاڻي بيٺل رھواسي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ لڳارھواسين احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ٻن مھين کان اسانجي پاڙي جا گٽر ميونسپل عملي جي لاپرواھي سبب مڪمل بند آھن جنھن سبب گٽر جو گندو پاڻي اسانجي گھرن ۾ ڪاھي پيو آھي اسان بار بار ميونسپل آفيس ۾ شڪايتون ڪيون آھن پر اسانجي ھڪ به ٻڌي نه پئي وڃي اسان جا معصوم ٻار گٽر جي گندي پاڻي بيھڻ سبب مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن اسان ھتان جي چونڊيل نمائيندن ۽ ميونسپل انتظاميه کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا اسانجي ھن گندي پاڻي ۽ ڪچري جي ڊيرن مان جان آجي ڪرائي وڄي

Read Previous

خيرپورناٿن شاھ : پرائمري اسڪول جي استاد جو ساهرن جي موتمار ڌمڪين اغوا ڪرڻ ۽ جاني مالي نقصان پهچائڻ خلاف احتجاج، اڳوڻو سهري ۽ سالن کان زندگيءَ کي خطرو

Read Next

ھائي ڪورٽ سنڌ سموري سنڌ ۾ قائم معذور ٻارڙن جي اسڪولن جي تفصيلي رپورٽ جوڙڻ لاءِ ھڪ ڪميٽي قائم ڪئي آهي

Most Popular