ڪراچي واسين لاءِ سُٺي خبر، وزيراعظم وڏي منصوبي جو بنياد رکندو

عمران خان

وزيراعظم عمران خان 27 سيپٽمبر تي نيو ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي بنياد رکندو.

ريلوي ذريعن جو چوڻ آهي ته نيو ڪراچي سرڪلر ريلوي بجلي سان هلندڙ تيز ٽرين هوندي، اهو منصوبو 170 ارب رپين جي لاڳت سان پورو ڪيو ويندو.

نيو ڪراچي سرڪلر ريلوي جي لاءِ ڦاٽڪ کان بنا نئون رستو وڇايو ويندو، هر 6 منٽن کانپوءِ ٽرين اسٽيشن تي ايندي.

ان منصوبا سان روز جي بنيادن تي ٽن کان پنج لک ماڻهو فائدو وٺندا.

Read Previous

صوبائي وزير اقليتي امور گيانچند ايسراڻي قاضي احمد انڙ ھاؤس تي ملڪ شاھنواز سڪندر صاحب جي سھري ء ڄام چنگيز خان انڙ جي والد صاحب جي وفات تي تعزيت ڪئي

Read Next

جٿي به چيني سيڙپڪاري ٿيندي، سي پيڪ واري سيڪيورٽي ڏينداسين: اسد عمر

Most Popular