جٿي به چيني سيڙپڪاري ٿيندي، سي پيڪ واري سيڪيورٽي ڏينداسين: اسد عمر

منصوبا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته چين پاڪستان واپاري لنگهه (سي پيڪ) منصوبو اسان جي اوڀر واري پاڙيسر ملڪ جي اک جو ڪنڊو آهي، چين سان دوستي ۾ هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڪيترن ئي چيلينجن جي باوجود پاڪستان ۽ چين جي قيادت سي پيڪ کي جاري رکيو آهي، پاڪستان پرڏيهي پاليسي واضح آهي، اڳ ۾ اسان پرڏيهي پاليسي ۾ اهڙا فيصلا ڪيا جن تي اسان کي ڀوڳڻو پيو، اسان ٻين جي جنگ يا سرد جنگ جو حصو بڻيل رهيا سين.

اسد عمر چيو ته سي پيڪ منصوبن جي لاءِ چيني ورڪر گذريل سال ئي واپس آيا هئا، پاڪستان ۽ چين جي قيادت سي پيڪ جي لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ جي آءِ ٽي جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سي پيڪ جي پهرين مرحلي جي پڄاڻي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ سهڪار جي ظاهري آهي، سي پيڪ ڏکڻ زون کان پاڪستان ۾ وڏي غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي.

وفاقي وزير چيو ته داسو وارو منصوبو سي پيڪ جو منصوبو ناهي، داسو ان سيڪيورٽي انتظامن جو حصو ناهي جنهن ۾ سي پيڪ جا منصوبا اچن ٿا، چين کي سيڪيورٽي معاملن تي خدشا آهن، پر ڪم جاري آهي.

Read Previous

ڪراچي واسين لاءِ سُٺي خبر، وزيراعظم وڏي منصوبي جو بنياد رکندو

Read Next

”مريم نواز، عمران خان تي ڪڙڪي پئي، وزيراعظم جي حيثيت اسلام آباد جي ميئر کان وڌيڪ ناهي“

Most Popular