ٺٽو: پ پ پاران وفاق خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺٽو(سيد تنوير لڪياري)پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي طرفان پ پ پ چيئرمین بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙو جي خاص ھدایتن تي پوري سنڌ جيان ضلعي ٺٽي ۾ بہ بجلي ۽ سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ، مھنگائي، اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ سميت وفاق پاران 16 ھزار ملازمن کي برطرف ڪري بيروزگار ڪرڻ خلاف ٺٽي شھر ۾ ھڪ احتجاجي ميڙاڪو پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ جي نگراني ۾ منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ پ پ پ جي اڳواڻن، ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر، وزير اعليٰ سنڌ جي معاون خاص صادق علي ميمڻ، پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو، پ پ پ اڳواڻ امتياز احمد قريشي، عبدالحميد پنھور، ڊاڪٽر محمد اسماعيل پليجو، امداد سرڪي، غلام حيدر سمون، آفتاب عالم سومرو، اسماعيل رند، پير غلام رحماني، عثمان ڪنڀار، واحد ميمڻ، حسن علي زنگياڻي، غلام قادر پليجو، حاجي وسيم ٽڪاڻي، عزيز ڪلمتي، غلام نبي شيخ، علي حسن پارھيڙي، عزيز پکيئڙو سليمان شورو ۽ ٻين چيو تہ وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو رويو اختيار ڪري سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي بہ نٿو ڏي، اين ايف سي ايوارڊ ۾ بہ سنڌ کي نظر انداز ڪري ملڪ ۾ حد کان وڌيڪ مھنگائي ڪري عوام کي بک ۽ بدحالي ڏانھن ڌڪي ڇڏيو آھي. ھنن چيو تہ وفاق پاران 16 ھزار ملازمن کي برطرف ڪري سندن 16 ھزار خاندانن کي فاقہ ڪشي تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو تہ تبديلي سرڪار عوام کي روزگار، گھر، نوڪريون ڏيڻ جا جيڪي خواب ڏيکاريا آھن، انھن تي تہ عمل ناھي ڪيو، ويتر جيڪي ملازم روزگار تي لڳل ھئا، انھن کي پڻ بيروزگار ڪري ملازم دشمني جو ثبوت ڏنو آھي. ھنن چيو تہ بجلي ۽ گئس جي لودشينڊنگ ڪري عوام کي سخت پريشان ڪيو پيو وڃي، جيڪو عمل ھرگز برداشت نہ ڪيو ويندو. ھنن چيو تہ فورن بيروزگار ٿيل 16 ھزار ملازمن کي بحال ڪري سندن خاندانن کي بک ۽ بدحالي کان بچائي بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پورو پاڻي مھيا ڪري سنڌ جي وسيلن جي سموري آمدني سنڌ تي خرچ ڪري ملڪ مان مھنگائي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آندو وڃي، ھنن چيو ٿہ جلد تبديلي سرڪار کي گھر ڀيڙو ڪري ايندڙ ملڪ جو وزير اعظم پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪيو ويندو، جيڪو ملڪ ۾ حقيقي جھموريت قائم ڪري عوام کي انصاف فراھم ڪندو.

Read Previous

ڇا راکي ساونت جي مڙس کي بگ باس 15 ۾ ڏسي سگهجي ٿو؟

Read Next

ڪورونا ويڪيسن ڪرايو يا جيل جي هوا کائو، ڪينٽ پوليس پاران ڪورونا وائرس کان بچاء واري ويڪسين نه ڪرائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون

Most Popular