ڪورونا ويڪيسن ڪرايو يا جيل جي هوا کائو، ڪينٽ پوليس پاران ڪورونا وائرس کان بچاء واري ويڪسين نه ڪرائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون

سلطانپور : ڪورونا ويڪيسن ڪرايو يا جيل جي هوا کائو، ڪينٽ پوليس پاران ڪورونا وائرس کان بچاء واري ويڪسين نه ڪرائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون، ڪيس داخل، ماڻهن ۾ فرپوٽ، اسپتالن ۾ رش وڌي وئي خبر موجب پوري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي بچاء خاطر ويڪسين نه ڪرائيندڙ ماڻهن خلاف سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل سختي واري حڪم نامي کانپوءِ ٻين شهرن جيان سلطانپور ۾ به ڪينٽ پوليس پاران سخت ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ وائرس کان بچاء لاءِ ويڪسين نه ڪرائيندڙ ماڻهن توڙي پوليس سان منهن ماري ڪرڻ تي ڪيس به داخل ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او امتياز حسين بالادي ميڊيا کي ٻڌايو ته بالا آفيسرن جي حڪم تي اسان علائقي ۾ ڪورونا وائرس کان بچاء واري ويڪسين نه ڪرائيندڙ ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي آهي ۽ ماڻهن کي پابند ڪيو آهي ته هو ويڪسين ڪرائين ته جيئن هن موذي مرض کان بچي سگهن ٻئي طرف علائقي ۾ پوليس جي سختي ڪرڻ تي شهرين توڙي علائقي واسين علائقي ۾ موجود اسپتالن توڙي ڪورونا ويڪسين سينٽر جو رخ ڪيو جتي ماڻهن جي ڪافي رش توڙي پيهه نظر آئي پر اڪثر جڳهن تان اهي به شڪايتون مليون ته اسپتالن ۾ ٻئي ڊوز لڳرائڻ لاءِ ويڪسين ئي موجود ناهي اسين روز روز اسپتالن توڙي سينٽرن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ويڪسين نه ٿي لڳائي وڃي

Read Previous

ٺٽو: پ پ پاران وفاق خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

ڪوھستان ۾ تعليم تي ڌيان ڏيئي رھيا آھيون ڪوھستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ استادن جي کوٽ سبب تعليم متاثر ٿي رھي آھي

Most Popular