افغان نيڪالي سان آمريڪا جي ساک تي ڪو فرق ناهي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مونکي نٿو لڳي ته افغانستان مان نيڪالي جي ڪري آمريڪا جي ساک تي عالمي سطح تي ڪو فرق پوندو، ڇو ته آمريڪا افغانستان مان پنهنجي مرضي تي نيڪالي اختيار ڪئي.

آمريڪي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته افغانستان ۾ بحران ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا به ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

وزيراعظم چيو ته افغان طالبان چين طرفان امداد قبول ڪئي، آمريڪا ۽ خطي جي وڏي طاقتن وچ ۾ سهڪار ئي تباهي کان بچڻ جو واحد طريقو آهي.

عمران خان چيو ته ڪورونا ۽ اڳوڻي حڪومتن جي ناڪامين جي ڪري افغانستان کي انساني بحران سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪابل اختيارين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Read Previous

انگلش بورڊ جو دورو ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان وڏو انڪشاف

Read Next

عاطف اسليم ٽڪ ٽاڪ جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو

Most Popular