انگلش بورڊ جو دورو ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان وڏو انڪشاف

انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ وڌيڪ اهم انڪشاف ڪيو ويو آهي.

برطانوي اخبار ڊيلي جي رپورٽ موجب انگلينڊ ۾ ڪرڪيٽرز جي يونين ٽيم انگلينڊ پليئرز پارٽنرشپ جي هڪ عهديدار انڪشاف ڪيو آهي ته انگلينڊ جي ڪنهن به ڪرڪيٽر (مرد يا عورت) دوري جي حوالي سان پنهنجا خدشا ظاهر نه ڪيا هئا ۽ نه ئي اِي سي بي طرفان انهن مان ڪنهن سان به مشورو ڪيو هو.

عهديدار ٻڌايو ته انگلش ڪرڪيٽ بورڊ (اِي سي بي) نيوزي لينڊ جو دورو ختم ڪرڻ کانپوءِ رانديگرن کي غلط فهمي ۾ رکيو ويو، دورو ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت رانديگرن کان پڇيو ئي نه ويو، اِي سي بي اجلاس کانپوءِ رانديگرن کي فيصلي بابت ٻڌايو.

عهديدار موجب اِي سي بي دوري کي ملتوي ڪرڻ جي فيصلي کان اڳ ڪنهن به مرحلي تي انگلينڊ جي رانديگرن کي اعتماد ۾ نه ورتو هو ۽ فيصلي جي ڪري رانديگرن کي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو.

Read Previous

سزائون سخت ڏنيون وينديون، موت جي سزا ۽ هٿ ڪٽڻ وارو دور واپس ايندو: طالبان

Read Next

افغان نيڪالي سان آمريڪا جي ساک تي ڪو فرق ناهي: وزيراعظم

Most Popular