اليڪشن ڪمشنر سانگهڙ نعيم الرحمان پاران ضلعي ووٽرز ايجوڪيشن بابت ھڪ آگاهي سيمينار

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) ضلعي اليڪشن ڪمشنر سانگهڙ نعيم الرحمان پاران ضلعي ووٽرز ايجوڪيشن بابت ھڪ آگاهي سيمينار شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ڪيمپس سانگهڙ ۾ منعقد ڪيو ويو ، جنهن ۾ نديم اعواڻ ڊائريڪٽر ايڇ آر شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ڪئمپس سانگهڙ يونيورسٽي جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ سمورن شاگردن حصو ورتو. سيمينار ۾ نعيم الرحمان ضلعي اليڪشن ڪمشنر سانگهڙ، يونيورسٽي جي سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن کي گذارش ڪئي ته اهي پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جي اهڙن ڀاتين جن وٽ شناختي ڪارڊ ناهن اهي ڪارڊ ٺهرائن ۽ پنهنجا ووٽ رجسٽر ڪرائين ۽ اليڪشن واري ڏينهن ووٽ جو حق استعمال ڪن. هن سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته اليڪشن ڪميشن ووٽرن خاص طور تي عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندي ۽ سندن شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ۽ سندن ووٽن جي رجسٽريشن ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. ان سلسلي ۾ هڪ آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي ۽ ايم آر وي جي سهولت نادرا پاران گهربل علائقن ۾ مهيا ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

افغان نيڪالي سان آمريڪا جي ساک تي ڪو فرق ناهي: وزيراعظم

Read Next

چئن مھينن جي پگهار جا پئسا 48 هزار رپيا گهرڻ تان مون تي ڏمرجي پيو آهي هن چيو ته ٻه سال اڳ هن جي مينھن جي واڙي تي مزدوري ڪندو

Most Popular