چئن مھينن جي پگهار جا پئسا 48 هزار رپيا گهرڻ تان مون تي ڏمرجي پيو آهي هن چيو ته ٻه سال اڳ هن جي مينھن جي واڙي تي مزدوري ڪندو

هنڱورجا : رپورٽ ( عاجز امتياز لاڙڪ ) هنڱورجا شهر جو رهواسي پيار علي منڱڻيجو سٽي پريس ڪلب هنڱورجا پهچي مظھر مسلم ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول راڻي پور جي استاد فيض محمد سهتو جي ظلمن خلاف صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته چئن مھينن جي پگهار جا پئسا 48 هزار رپيا گهرڻ تان مون تي ڏمرجي پيو آهي هن چيو ته ٻه سال اڳ هن جي مينھن جي واڙي تي مزدوري ڪندو هيم جڏهن ته ماهوار پگهار ٻارنهن هزار رپيا مقرر هئي ان دوران استاد فيض محمد سهتو نوجوان عورت ڇوڪريءَ جي اغوا ڪيس ۾ ڪورٽ سڳوري طرفان سندس تي ٿاڻي تي داخل ٿيل ايف آء آر اغوا ڪيس ثابت ٿيڻ تي ٻڌايل سزا ملڻ تي جيل هليو ويو هيو جنهن جي ڪري منهنجي مزدوريء جي ماهوار مقرر ٿيل رهيل پگهار نه ٿو ڏئي هن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته ھن وقت استاد فيض محمد سهتو ٻن مهينن کان ضمانت تي آزاد ٿي مظھر مسلم اسڪول راڻي پور ڊيوٽيء تي آهي ضمانت ٿيڻ کانپوءِ جڏهن آءُ هن جي ڳوٺ قاضي ڀٽا روڊ سڳيون ڀرسان منهنجي 4 مهينن جي رهيل پگهار گهرڻ ويس ته مونکي ڪچيون گاريون ڏئي سروٽا هڻندي پنهنجي در تان ڌڪا ڏئي مار ڏنائين جيڪو هاڻي موت مار ڌمڪيون ڏئي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رهيو آهي منهنجي وس وارن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کي اپيل آهي ته انڪوائري ڪري مونکي پنهنجي حق حلال جي مزدوريء جا رهيل پئسا پگهار ڏياري مون سان انصاف ڪيو وڃي ته جيئن قانون ۽ انصاف جي بهتري ٿيندي !!!

Read Previous

اليڪشن ڪمشنر سانگهڙ نعيم الرحمان پاران ضلعي ووٽرز ايجوڪيشن بابت ھڪ آگاهي سيمينار

Read Next

ڳڙھي خيرو جي اسڪولن ۾ سھولتن جي اڻھوند خلاف جي ٽي آئي جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاھرو

Most Popular