عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 42 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 1780 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.
اين سي او سي ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 44 هزار 712 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 1780 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 12 لک 38 هزار 668 ٿي ويو آهي.