نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جو پاڪستان سان سيريز نه کيڏڻ شرمناڪ آهي: آسٽريلوي ڪامينٽريٽر

جڳ مشهور آسٽريلين ڪامينٽريٽر مائيڪ هيزمين پاڪستان خلاف سيريز نه کيڏڻ تي نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊن تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مائيڪ هيزمين چيو ته نيوزيلينڊ طرفان پاڪستان جو دورو رد ڪرڻ افسوسناڪ آهي، دورو رد ڪرڻ کانپوءِ روز ڪجهه نيون خبرون ٻڌي رهيو آهيان، جنهن سان ڏُک ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته انگلش رانديگرن کان پڇڻ بنا انگلينڊ جو پاڪستان دورو رد ڪيو ويو، جيڪو سراسر غلط آهي، نيوزيلينڊ به دورو رد ڪيو پر سيڪيورٽي ٿريٽ بابت نه ٻڌايو، جڏهن توهان عالمي سطح جي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهيو ته سيڪيورٽي ٿريٽ جو ثبوت ڏيکارڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪورونا جي ڏکي صورتحال ۾ انگلينڊ جو دورو ڪيو پر انگلينڊ طرفان پاڪستان جو دورو رد ڪرڻ هڪ شرمناڪ فيصلو آهي، آءِ سي سي کي اهي معاملا ڏسڻ گهرجن، ڇو ته انگلينڊ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اهو قبولڻ جوڳو ناهي.

Read Previous

پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 4 سيڪڙو کان به گهٽجي وئي

Read Next

”دي ڪپل شرما شو“ تي ٻيهر ڪيس داخل

Most Popular