لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد حسين آباد پاڙي ۾ مبينا طور جوابدارن 16 سالن جي ناري گلبانو ڌيءَ شاھن سولنگي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد حسين آباد پاڙي ۾ مبينا طور جوابدارن 16 سالن جي ناري گلبانو ڌيءَ شاھن سولنگي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا واقعي خلاف ناري جي پيءُ شاھن سولنگي ۽ امڙ زينب خاتون پاڪ پاڪ کڻي نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته چار ڏينهن اڳ جوابدارن احسان چانڊيو, پنهنجي ٻن نامعلوم ساٿين سان ھٿيارن جي زور تي اسان جي ڌيءَ گلبانو کي اغوا ڪرڻ بعد جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو اهڙو اطلاع اسان حد جي وليد ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پوليس جوابدار احسان چانڊيو کي گرفتار ڪري کانئس ڳري رشوت وٺي کيس ڇڏي ڏنو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته اسين غريب مسڪين آهيون ۽ پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون جنهن ڪري پوليس اسان کي لاچار ۽ بيوس ڏسي جوابدار ڌر جي وانگار وهندي هڪ اهلڪار 7هزار منهنجي مڙس کي ڏئي خالي پني تي صحيح ورتي جنهن تي آئون اهي پيسا واپس اڇلي ڏناسين. جوابدارن کي ڇڏي ڏنو آهي هاڻي جوابدار کي گرفتار نه پئي ڪري. ايس ايڇ او غلام مصطفي ميراڻي پيسا وٺي جوابدارن کي ڇڏي ڏنو آهي.هاڻي پوليس ڊرامو ڪري پاڻي نيڪال جو ڊرامو اختيار ڪري اسان جو ڪيس داخل نٿي ڪري اگر انصاف نه ڪيو ويو ته اسان پاڻ کي ايس ايس پي آفيس آڏو باھ ڏئي ساڙي ڇڏينداس. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدار احسان چانڊيو ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

”دي ڪپل شرما شو“ تي ٻيهر ڪيس داخل

Read Next

حڪومتي دعوائون ڌوڙ، ملڪ ۾ بيروزگاري عروج تي، تعليم يافته ماڻهو به روزگار کان محروم

Most Popular