”دي ڪپل شرما شو“ تي ٻيهر ڪيس داخل

ڀارت جو مشهور ڪاميڊي پروگرام ”دي ڪپل شرما شو“ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکيائين جو شڪار ٿي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب پروگرام جي ميزبان ڪپل شرما خلاف مڌيا پرديش جي شيو پوري عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

رپورٽن موجب پروگرام جي هڪ قسط ۾ عدالت جي ڪمري جو منظر پيش ڪندي عدالت ۾ ماڻهن کي شراب پيئندي ڏٺو ويو جنهن تي ڪپل شرما شو جي انتظاميا تي توهين عدالت جو الزام لڳايو ويو ۽ ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.

ڪيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي وڪيل سريش ڌاڪڙ داخل ڪرايو جنهن موجب شو جي ميزبان ڪپل شرما ۽ ڀارتي چينل سوني ٽي وي جي ڊائڪريٽر ايم پي سنگهه جي خلاف آءِ ٽي ايڪٽ ۽ اڪسائيز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان معاملي جي ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر کان ٿيندي.

Read Previous

نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جو پاڪستان سان سيريز نه کيڏڻ شرمناڪ آهي: آسٽريلوي ڪامينٽريٽر

Read Next

لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد حسين آباد پاڙي ۾ مبينا طور جوابدارن 16 سالن جي ناري گلبانو ڌيءَ شاھن سولنگي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا

Most Popular