
UNSPECIFIED – MAY 16: In this screengrab, Malala Yousafzai speaks during Graduate Together: America Honors the High School Class of 2020 on May 16, 2020. (Photo by Getty Images/Getty Images for EIF & XQ)
امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ پاڪستاني شاگردياڻي ملاله يوسفزئي مطالبو ڪيو آهي ته عالمي برادري افغانستان ۾ عورتن جي تعليم جو بچاءُ ڪري.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس جي سائيڊ لائن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي اجلاس سان ملاله يوسفزئي ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو.
ان دوران ملاله يوسفزئي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته افغانستان ۾ عورتن جي تعليم جو بچاءُ ڪيو وڃي، عورتن جي حقن ۾ سڀ کان اول انهن جي تعليم جو حق آهي، جيڪو کين ملڻ گهرجي.