افغان جنگ نتيجن تي پاڪستان کي ذميوار قرار نه ڏنو وڃي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ جنگ جي نتيجن جو ذميوار آمريڪا پاڪستان کي قرار نه ڏئي، اسان کي هاڻ الزامن جو رويو ڇڏي افغانستان جي مستقبل ڏانهن ڏسڻ گهرجي.

آمريڪي اخبار ۾ لکيل مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان چيو درست قدم اهو آهي ته افغانستان ۾ امن لاءِ نئين حڪومت سان سهڪار ڪيو وڃي، طالبان حڪومت ۽ عالمي برادري ۾ رابطا هر هڪ لاءِ هاڪاري مفاد آڻيندا، جيڪڏهن اسان ماضي جي غلطين کي ورجايو ته وڏي پئماني تي پناهگيرن ۽ دهشتگردي جهڙا مسئلا وڌندا.

هن چيو ته افغانستان ۾ جنگ جي نتيجن تي پاڪستان تي الزام نه هڻڻ گهرجن، آمريڪي ڪانگريس ۾ آمريڪي نقصان تي پاڪستان تي الزام لڳائڻ حيرت جوڳو آهي، جڏهن ته ماضي ۾ پاڪستاني حڪومتون پاڻ کي جائز تسليم ڪرائڻ لاءِ آمريڪا کي افغان معاملي تي خوش ڪنديون رهيون.

Read Previous

حڪومتي دعوائون ڌوڙ، ملڪ ۾ بيروزگاري عروج تي، تعليم يافته ماڻهو به روزگار کان محروم

Read Next

عالمي برادري افغانستان ۾ عورتن جي تعليم جو بچاءُ ڪري: ملاله يوسفزئي

Most Popular