سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جون 30 هزار جايون خالي هجڻ جو انڪشاف

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جي 30 هزار خالي جاين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ رحيم يار خان مندر حملي تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ون مين ڪميشن چيئرمين شعيب سڊل عدالت کي ٻڌايو ته اقليتن لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا رکيل آهي، اقليتن جي رکيل سرڪاري نوڪري ڪوٽا ۾ هندن، عيسائين، سکن ۽ ٻين بابت وضاحت ناهي، هن وقت سڄي ملڪ ۾ اقليتن جون 30 هزار سرڪاري جايون خالي آهن.

سپريم ڪورٽ خالي جاين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي ٻڌايو ويو آهي وفاق، پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان حڪومتون اقليتن جي ڪوٽا تي ڀرتيون نه پيون ڪن، وفاقي حڪومت ۽ صوبائي چيف سيڪريٽري ون مين ڪميشن سان سهڪار ڪري، لاڳاپيل اختياريون اقليتن جي نوڪرين بابت معاملن تي جلد قدم کڻي رپورٽ جمع ڪرائن.

Read Previous

ڪورونا جا پويان پير، هاڪاري ڪيسن جي شرح تقريبن 3 سيڪڙو تي اچي وئي

Read Next

رانديگرن جي خراب ڪارڪردگي، ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ تبديلين جو امڪان

Most Popular