ڪورونا جا پويان پير، هاڪاري ڪيسن جي شرح تقريبن 3 سيڪڙو تي اچي وئي

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح تقريبن 3 سيڪڙو تي اچي وئي.

سرڪاري انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 1400 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي، جڏهن ته وڌيڪ 41 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.17 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا سان فوتين جو مجموعي انگ 27 هزار 638 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيسن جو مجموعي انگ 12 لک 41 هزار 825 آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 2042 مريض صحتياب به ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 11 لک 64 هزار 219 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 49 هزار 968 آهي.

Read Previous

سياسي دٻاءَ ۾ ڪراچي کي 11 سئو ارب رپيا ڏئي رهيا آهيون: فواد چوڌري

Read Next

سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جون 30 هزار جايون خالي هجڻ جو انڪشاف

Most Popular