آمريڪا ۾ گذريل سال قتل جي واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ

آمريڪا ۾  2019ع جي  ڀيٽ ۾گذريل سال قتل جي واقعن وڏي واڌ ٿي آهي.

آمريڪي جاچ اداري فيڊرل بيورو آف انويسٽي گيشن (ايف بي آٰءِ) جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ 2019ع جي ڀيٽ ۾ 2020 ۾ قتل جي واقعن ۾ 30 سيڪرو واڌ ٿي آهي.

ايف بي آءِ موجب آمريڪا ۾ گذريل سال 21 هزار 500 قتل ٿيا.

ايف بي آءِ جي رپورٽ موجب گذريل سال جي واقعن جي انگ ۾ قتلن ۾ تيزي سان واڌ ٿي جڏهن ته ڏکڻ رياست لوزيانا ۾ قتل جي شرح سڀ کان وڌيڪ رهي.

ايف بي آءِ جي ڪرائيم رپورٽ موجب 2020ع ۾ 77 سيڪڙو قتل پسٽل سان ڪيا ويا.

ماهرن گذريل سال قتل جي انگ ۾ واڌ جي ڪا به وضاحت فراهم ناهي ڪئي پر هنن ڪوڊڊ جي عدم استحاڪم جي اثرن ۽ اسلحي جي وڪري ۾ اضافي طرف اشارو ڪيو آهي

Read Previous

عمر شريف علاج لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو

Read Next

نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ غوث محمد شاھ جي . پيئڻ جي پاڻي ۾ سنکيو ظاھر.رهواسين جو احتجاج

Most Popular