عمر شريف علاج لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو

ڪاميڊين ۽ اداڪار عمر شريف کي علاج لاءِ ايئر ايمبولينس ذريعي آمريڪا روانو ڪيو ويو.

عمر شريف جي زال زرين غزل به ايئر ايمبولينس ۾ هن سان گڏ وئي آهي جڏهن ته ٻيا گھرڀاتي ڪمرشل اڏام ذريعي آمريڪا روانو ٿيندا.

اداڪار عمر شريف دل جي مرض ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهي. هو گذريل ڪيترن ئي هفتن کان ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.

سندس علاج لاءِ سنڌ حڪومت طرفان چار ڪروڙ جي رقم جاري ڪئي وئي آهي. کيس اڄ صبح جو ايمبولنس ۾ ڪراچي جي خانگي اسپتال کان ڪراچي ايئرپورٽ جي جناح ٽرمينل پهچايو ويو.

عمر شريف کي علاج لاءِ آمريڪا جي راڄڌاني واشنگٽن پهچايو پيو وڃي جتي اداڪارا ريما خان جو مڙس ۽ دل جي مرضن جو ماهر ڊاڪٽر شهاب هن جي علاج لاءِ جارج واشنگٽن يونيورسٽي اسپتال ۾ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.

Read Previous

رانديگرن جي خراب ڪارڪردگي، ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ تبديلين جو امڪان

Read Next

آمريڪا ۾ گذريل سال قتل جي واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ

Most Popular