پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب وسيم خان گذريل ڏينهن پي سي بي چيئرمين رميز راجا کي استعيفيٰ پيش ڪئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به تصديق ڪئي آهي ته وسيم خان چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ بورڊ آف گورنرز ان معاملي تي غور ڪندو.

پي سي بي ان معاملي تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي ۽ چيئرمين رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نئين انتظامي ٽيم آڻيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وسيم خان پي سي بي ۾ پنهنجي آفيس ۾ موجود آهي، جڏهن ته فوري طور نئين سي اي او جي مقرري جو امڪان آهي، وسيم خان جي عهدي جو مدو فيبروري ۾ ختم ٿيڻو آهي.

ذريعن موجب ڪرڪيٽ جا معاملا اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي ڏيڻ جي تجويز آهي، انگلش بورڊ جيان ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ آڻڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو بورڊ آف گورنرز چيف ايگزيڪيوٽو جي استعيفيٰ منظور ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وسيم خان اختيار گهٽائڻ جي معاملي تي خوش نه هو، هن رميز راجا سان وڌيڪ معاملا نه هلڻ جي بنياد تي عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.

Read Previous

عمر شريف جي طبيعت بهتر ٿيڻ لڳي، سڀاڻي آمريڪا لاءِ نڪرنداسين: زرين عمر

Read Next

افغانستان جو آمريڪا کان هوائي پيٽرولنگ بند ڪرڻ جو مطالبو

Most Popular