عمر شريف جي طبيعت بهتر ٿيڻ لڳي، سڀاڻي آمريڪا لاءِ نڪرنداسين: زرين عمر

اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي گهرواري زرين عمر چيو آهي ته عمر شريف جي طبيعت بهتر آهي، اڄ رات جرمني ۾ ئي رهنداسين، سڀاڻي صبح جو آمريڪا لاءِ نڪري وڃڻ جا امڪان آهن.

عمر شريف جي گهرواري زرين غزل خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر عمر شريف جو وڌيڪ معائنو ڪري رهيا آهن، ڊاڪٽرن وڌيڪ ٽيسٽون ڪرڻ جو به چيو آهي.

زرين عمر چيو ته آمريڪا ۾ عمر شريف جي ڊاڪٽر سان رابطي ۾ آهيون.

هن چيو ته جرمني ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملي جون مهربانيون، پاڪستان قونصل جنرل زاهد حسين به عمر شريف جي عيادت ڪئي.

Read Previous

نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ غوث محمد شاھ جي . پيئڻ جي پاڻي ۾ سنکيو ظاھر.رهواسين جو احتجاج

Read Next

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Most Popular