مان ۽ نواز شريف سياست لاءِ ڪافي آهيون، جنهن کي وڙهڻو آهي سياسي طور وڙهي: مريم نواز

مريم نواز

ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مان ۽ نواز شريف سياست لاءِ ڪافي آهيون، جنهن کي مون سان وڙهڻو آهي ته سياسي طور وڙهي.

ن ليگ پنجاب جي اهتمام هيٺ لاهور ڊويزن جي ميٽنگ پارٽي قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ مريم نواز، راڻا ثناءُ الله، حمزا شهباز شريف، احسن اقبال، عظميٰ بخاري، مريم اورنگزيب، عطا تارڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته ملڪ ۾ اهڙو نظام هجڻ گهرجي، جنهن ۾ انصاف ملي، اهڙو نظام نه هجي ته 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ کي جيل ۾ وڌو وڃي.

نيب چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان سندس چوڻ هو اسان جو آئين ته نٿو چئي واڌ ٿئي.

Read Previous

افغانستان جو آمريڪا کان هوائي پيٽرولنگ بند ڪرڻ جو مطالبو

Read Next

”خيبر پختونخواهه ۾ ايڏي ڪرپشن آهي جو عوام کي ڪجهه ڊليور نٿو ٿي سگهي“

Most Popular