”خيبر پختونخواهه ۾ ايڏي ڪرپشن آهي جو عوام کي ڪجهه ڊليور نٿو ٿي سگهي“

جسٽس منيب اختر

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته خيبر پختونخواهه ۾ ڪرپشن ايتري وڌيڪ آهي جو عوام کي ڪجهه ڊليور نٿو ٿي سگهي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فاضل بئنچ 2005 ۾ زلزلي سان خيبر پختونخواهه جي متاثر علائقن ۾ اسڪول جي اڏاوت نه ٿيڻ تي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.

سپريم ڪورٽ ايرا جي رپورٽ غير تسلي بخش قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي ۽ ايرا کان مڪمل ڪيل سڀني منصوبن جا تفصيل تصويري شاهدين سميت طلب ڪري ورتا.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايرا جي رپورٽ رڳو اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جهڙي آهي، زلزلي متاثرن جي مدد قوم ڪئي هئي، ڪراچي مان به ماڻهو متاثرن جي امداد لاءِ ويا هئا، ماڻهن ته حج جو پئسو به زلزلي متاثرن کي ڏئي ڇڏيو، ايرا ڇا ڪيو؟ عالمي امداد به آئي، ماڻهن به پئسو ڏنو ۽ حڪومت به، متاثر علائقن ۾ ته مثالي ترقي ٿيڻ گهرجي ها، زلزلي متاثر علائقا ته ٻن سالن ۾ ٻيهر ٺهي وڃن ها.

ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي چيو ته صوبائي حڪومت ٻن مهينن ۾ 148 اسڪول تعمير ڪري فعال ڪري ڇڏيا، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسڪول هاڻ ٺهي رهيا آهن، 16 سال ٻار ڇا ڪندا رهيا؟ ڪيترا ٻار اسڪول نه هجڻ سبب ڀڄي ويا هوندا، جهڙيون عمارتون ٺهي رهيون آهن، اهي ته 6 مهينن ۾ ڪِري پونديون، ٻارن ۽ استادن جون زندگيون خطري ۾ لڳي رهيون آهن، خيبر پختونخواهه ۾ ڪرپشن ايتري وڌيڪ آهي جو عوام کي ڪجهه ڊليور نٿو ٿي سگهي.

جسٽس مظهر عالم چيو ته دهشتگرد ٺيڪيدارن کان ڀتو گهري رهيا آهن ۽ ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن، ڪيترائي ٺيڪيدار بنون ۽ ڊي آءِ خان ۾ ڪم ڇڏي ڀڄي ويا.

چيف سيڪريٽري ڪي پي ٺيڪيدارن کان ڀتو گهرڻ جي واقعن کان لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت جي نشاندهي تي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ وٺنداسين.

Read Previous

مان ۽ نواز شريف سياست لاءِ ڪافي آهيون، جنهن کي وڙهڻو آهي سياسي طور وڙهي: مريم نواز

Read Next

محمد زبير جي مبينا ويڊيو تي مريم نواز جو ردعمل اچي ويو

Most Popular