نيب چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي اهم اڳڀرائي

نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.

ذريعن موجب قانون واري وزارت تجويز ڪيل صدارتي آرڊيننس ذريعي نيب چيئرمين کي واڌ ڏيڻ جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن جو متن وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ اڄ ئي صدر کي پيش ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل آرڊيننس تحت جاويد اقبال نئين نيب چيئرمين جي مقرري تائين ڪم ڪندو رهندو.

ذريعن موجب نيب آرڊيننس 1999 جي شق 6 تحت نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ نٿي ڏئي سگهجي.

Read Previous

ڪراچي ۾ سامونڊي طوفان ۽ وڏي مينهن جو الرٽ جاري

Read Next

دهشتگردي وڏو خطرو آهي، دنيا غلطين مان سبق سکي: معيد يوسف

Most Popular