ڪراچي ۾ سامونڊي طوفان ۽ وڏي مينهن جو الرٽ جاري

ڪراچي ۾ طوفاني برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ اڄ کان ٻه آڪٽوبر تائين وڏو مِينهن وسندو.

موسميات کاتي الرٽ جاري ڪيو آهي ته هوا جو گهٽ دٻاءُ ڊپريشن جي صورت ۾ اوڀر عربي سمنڊ ۾ موجود آهي، اهو ڊپريشن شدت اختيار ڪري سامونڊي طوفان بڻجي سگهي ٿو، سائيڪلون ٺهڻ جي صورت ۾ 70 کان 90 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي سگهن ٿيون.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته هوا جو گهٽ دٻاءُ تقريبن ڊپريشن جي اسٽيج ۾ آهي، جنهن سبب ڪراچي ۾ اڄ کان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته شهر ۾ سڀاڻي سڄو ڏينهن مينهن وسندو.

سردار سرفراز موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ سائيڪلونڪ طوفان جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو، ڪراچي ۾ اڄ رات کان تيز برسات جو امڪان آهي، هوا جي گهٽ دٻاءَ جي اثر هيٺ سڄي سنڌ ۾ برساتن جو امڪان آهي، برساتن سبب شهرن ۾ اربن فلڊنگ جو خطرو رهندو.

Read Previous

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھ سيد جلال محمود شاھ چيو آهي ته بيانن ۽ خبرن کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائڻ جو رواج پئجي ويو آهي

Read Next

نيب چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي اهم اڳڀرائي

Most Popular