ڪورونا جا سڀ کان وڏا خطرا، وائرس ڊائلاسز جو سبب به بڻجي سگهي ٿو

پاڪستان ۾ گردن جي بيمارين ۾ وڌا ٿيندي پئي وڃي خاص ڪري اهڙي مرض جو نوجوان گهجھڻو شڪار ٿي رهيا آهن، جنهن کان بچڻ لاءِ مختلف وقتن ۾ ڪيترائي ٽوٽڪا ٻڌائيندا ۽ عادتون ڇڏڻ جا مشورا ڏيندا رهيا آهيون ۽ گردن لاءِ نقصانڪار کاڌن کان پرهيز بابت به آگاهه ڪندا رهندا آهيون.

ان حوالي سان هاڻي اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪورونا وائرس مريضن ۾ گردن جي سنگين مسئلن جو خطرو هوندو آهي.

اهڙي ڳالهه برازيل ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

فيڊرل يونيورسٽي آف سائوپائولر جي تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته ايس تو ريسيپٽر نه رڳو ڪورونا وائرس جي خلين کي متاثر ۽  پنهنجا نقل ٺاهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي پر اهو شريانن ۾ بلڊ پريشر کي ريگوليٽ ڪرڻ واري نظام کي به غير متوازن ڪندو آهي.

ايس 2 جا حياتياتي افعال متاثر ٿيڻ سان گردن ۾ رت جو وهڪرو گهٽجي ويندو آهي ۽ گليميرو فلٽريشن ريٽ (جي ايف آر) ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي جنهن سان گردن جي مختلف مواد کي خارج ڪرڻ واري صلاحيت متاثر ٿيندي آهي ۽ زهريلو مواد گهڻي مقدار ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي.

Read Previous

دهشتگردي وڏو خطرو آهي، دنيا غلطين مان سبق سکي: معيد يوسف

Read Next

شهباز شريف ڏاڪڻين تان ڪِري پيو

Most Popular