شهباز شريف ڏاڪڻين تان ڪِري پيو

مسلم ليگ ن جو صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ڏاڪڻين تان ڪِري پيو.

ذريعن موجب، ڊاڪٽرن طرفان شهباز شريف کي آرام جو مشورو ڏنو ويو آهي جڏهن ته ٻڌايو ويو آهي ته پير تِرڪڻ وقت مسلم ليگ ن جو هڪ ڪارڪن شهباز شريف کي سهارو ڏنو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي  ڏاڪڻين تان ڪرڻ جو واقعو گذريل ڏينهن  پارٽي سيڪريٽريٽ 180 ايڇ ماڊل ٽائون ۾ پيش آيو جنهن کان پوءِ کيس ڊاڪٽرن آرام جو مشورو ڏنو آهي.

Read Previous

ڪورونا جا سڀ کان وڏا خطرا، وائرس ڊائلاسز جو سبب به بڻجي سگهي ٿو

Read Next

طالبان ڊرون حملا ڪندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو

Most Popular