ڪنگنا رناوت غلطي ڪري سياستدانن سان جُڙي وئي

)باليووڊ جي سندري ڪنگنا رناوت ڪجهه چوي يا ڪجهه ڪري ته اهو گفتگو جو موضوع نه بڻجي، اهو به ڀلا ٿي سگهي ٿو؟

ڪنگنا رناوت اڱاري جي صبح ممبئي ايئرپورٽ پهتي ته جيئن شهر کان ٻاهر وڃڻ جي لاءِ جهاز ملي سگهي، ايئرپورٽ ٽرمينل تي وڃڻ کان اڳ ڪنگنا رناوت فوٽو گرافرن کي ڏسي خوش ٿي وئي، اداڪارا انهن کي خوبصورت پوز ڏنا ۽ وڪٽري جو نشان ڏيکاريو.

بالي ووڊ راڻي پنهنجي ڌُن ۾ مگن هئي ته ايئرپورٽ تي ”نو ماسڪ، نو انٽري“ جو سائين بورڊ نظر انداز ڪري ڇڏيو.

ان جي مداحن ان ڳالهه کي نوٽيس ڪيو ته ڪنگنا رناوت ايئرپورٽ تي وڃڻ دوران ماسڪ ناهي پهريو، جنهن تي ڪنگنا رناوت جي ايئرپورٽ تي ڪورونا وائرس ايس او پيز جي ڀڃڪڙين کي هڪ فوٽو گرافر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو.

وڊيو ۾ واضح ڪيو ويو ته ڪنگنا رناوت جٿان گذري ته ان جي ويجهو نو ماسڪ نو انٽري جو بورڊ لڳل هو جنهن کي اداڪارا ڏسڻ مناسب نه سمجهو.

Read Previous

طالبان ڊرون حملا ڪندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو

Read Next

موھن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ ڪاراڻي جو اڳوڻو ناظم غلام الله ٻگهيو جي گهر مان نامعلوم چور گهر مان چوري ڪري فرار ٿي ويا

Most Popular