موھن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ ڪاراڻي جو اڳوڻو ناظم غلام الله ٻگهيو جي گهر مان نامعلوم چور گهر مان چوري ڪري فرار ٿي ويا

موھن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ ڪاراڻي جو اڳوڻو ناظم غلام الله ٻگهيو جي گهر مان نامعلوم چور گهر مان چوري ڪري فرار ٿي ويا هوڏانهن واقعي واري جاء تي پ پ پ اڳواڻ اڳوڻو ايم اين نظير خان ٻگهيو ڊي ايس پي ڏوڪري امداد علي ٽالپر پ پ پ تعلقه صدر منير احمد سوهو ڳوٺ ٻٽڙا ۾ پهچي تفصيل ورتا جڏھن ته گهر ڀاتين کان چوري ٿيل واردات بابت پڇا ڪئي وئي ان موقعي تي وڏيرو ذوالفقار ٻگهيو جي پٽ دانش ٻگهيو ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان گهر ۾ سمورا گهر ڀاتي ننڊ ستل هياسين ته چور چوري ڪري ويا هن ٻڌايو ته سجاڳ ٿيڻ تي گهر اندر بابا جي ڪمري جي دروازو کليل هيو ۽ الماڙين ۾ پيل سمورو سامان نه هيو جڏھن ته چور سمورو سامان چوري ڪري کڻي ويا آھن هن ٻڌايو ته بابا جي ڪمري ۾ ڪوئي ناهي ويندو هن وڌيڪ چيو ته بابا ڪراچي کان اچي ٿو جيڪو مڪمل سامان چوري ٿيڻ بابت ٻڌائيندو في الحال اسان ڪجه نٿا ٻڌائي سگهون ٻي طرف پيري به گهرايا ويا جتي ڳوٺ ٻاهران زرعي زمين تي پيرا گم ٿي ويا پيرين ٻڌايو ته جتي چور پڪي طرف روانا ٿي ويا آھن جڏھن ته ٻي طرف ڊي ايس پي امداد علي ٽالپر ميڊيا کي ٻڌايو ته ڏوهاري ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن پر انهن کي بخش نه ڪيو ويندو هوڏانهن ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگهيو جو ڀاء اڳوڻو ايم اين اي نظير احمد خان ٻگهيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي ڏوڪري کي پابند ڪيو آھي ته چوري ٿيل سامان جلد واپس ڪرائي ڏنو وڃي ۽ ڏوه ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.هوڏانهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته چور ڳوٺاڻي اڳوڻي ناظم جي گهر مان 50 لک کان مٿي سامان چوري ٿيڻ جا اطلاع آھن هوڏانهن واقعي بابت وڏي انگ ۾ سياسي سماجي علائقي جا ماڻھو ڳوٺ ٻٽڙا پهچي ويا.

Read Previous

ڪنگنا رناوت غلطي ڪري سياستدانن سان جُڙي وئي

Read Next

حڪومت عوام تي وري پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول اگھم ۾ وڏي واڌ

Most Popular